وقار يونس پي ايس ايل 10 بابت پي سي بي چيئرمين کي ڪهڙيون تجويزون ڏنيون؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي پي ايس ايل بابت ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن.
وقار يونس سوشل ميڊيا تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي ٽيگ ڪندي تجويز ڏني پاڪستان سپر ليگ جهڙي برانڊ لاءِ ڇهه ٽيمون صفا گهٽ آهن، پي ايس ايل 2025ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺ ٽيمون هئڻ گهرجن.
وقار يونس لکيو ته گذريل سال پي ايس ايل دوران عورتن جون ٽي ميچون ٿيون، هن دفعي وومينز ميچن جو ڇا ٿيو؟
اڳوڻي ڪپتان تجويز ڏني ته پي ايس ايل دوران اردو ڪامينٽري لاءِ ڌار چئنل ۽ سيٽ هئڻ گهرجي.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جو ٽائٽل اسلام آباد يونائيٽڊ پنهنجي نالي ڪيو، اسلام آباد فائنل سخت مقابلي کانپوءِ ملتان کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻجندڙ پهرين ٽيم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.