سوشل ميڊيا تي نظر ايندڙ هر شئي سچ ناهي هوندي: مومنا اقبال

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪارا مومنا اقبال مداحن کي پيغام ڏنو آهي ته هو جيڪو ڪجهه به سوشل ميڊيا تي ڏسن ٿا ان کي سچ نه سمجهن ڇو ته سوشل ميڊيا حقيقي زندگي کان گهڻي مختلف آهي.
ويجهڙ ۾ مومنا اقبال ۽ اداڪار عديل چوڌري هڪ ويب چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ اداڪارا سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ ناڪاري اثرن تي گفتگو ڪئي.
مومنا اقبال چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي دوست سان ڳالهائي رهي هئي ته اِهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي صبح سويري اٿن ٿا، تيار ٿي ريسٽورنٽس ۾ وڃن ٿا ۽ تصويرون ڪڍرائين ٿا، اسان کان ته صبح جو اٿڻ به ناهي پڄندو.
هن چيو ته موڪل واري ڏينهن سڄو ڏينهن سُتي پئي هوندي آهيان، اُٿن تي دِل ئي ناهي چوندي.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا اِها ناهي جيڪا اوهان سڀ ڏسي رهيا آهيو، مون کي به منهنجي تصويرن جي حوالي سان کوڙ سارا پيغام ايندا آهن، ڪڏهن ڪهڙا هوندا آهن ڪڏهن ڪهڙا.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهو زندگي انجوا به ڪندا آهن پر جيڪا شيءِ اسان سوشل ميڊيا تي وڌائي پيش ڪندا آهيون حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.