گوهر خان مڙس ۽ پٽ سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا گوهر خان پنهنجي مڙس ۽ پٽ سان عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ مڪي شريف پهچي وئي.
انسٽاگرام تي جاري ڪيل مختلف وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ حرم پاڪ اندر موجود آهي.
هڪ وڊيو ۾ اداڪارا پنهنجي مڙس سان مسجد نبويءَ ۾ افطار جي سعادت حاصل ڪندي نظر اچي رهي آهي.
ياد رهي ته گوهر خان ٻيو ڀيرو عمري جي سعادت حاصل ڪري رهي آهي، هوءَ گذريل سال به رمضان المبارڪ ۾ عمرو ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.