کنڊلا گرل راني مکرجي جا 46 هين سالگرهه تي ماضيءَ بابت دلچسپ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر ادڪارا راني مکرجي انڪشاف ڪيو آهي ته هن ننڍپڻ ۾ ڪڏهن به پنهنجي سالگرهه نه ملهائي هئي.
ٽن ڏهاڪن کان بالي ووڊ انڊسٽري تي راڄ ڪندڙ راني مکرجي اڄ پنهنجي 46 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
ان موقعي تي اداڪار انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان ئي سالگرهه ملهائڻ جو ڏاڍو شوق هو پر سدائين سندس سالگرهه دوران، اسڪول جا فائنل امتحان اچي ويندا هئا جنهن سبب امڙ سالگرهه ملهائڻ نه ڏيندي هئي.
راني مکرجي چيو ته هوءَ پنهنجي سالگرهه واري ڏينهن ڏکوئل هوندي هئي ڇو ته دوستن سان گڏ سالگرهه جو جشن ملهائڻ بدران ڪتاب کڻي امتحان جي تياري ڪرڻي پوندي هئي.
اداڪارا چيو ته امان مايوسي مان ڪڍڻ لاءِ چاڪليٽ ڏيندي هئي ته جيئن پنهنجي ڪلاس جي سمورن دوستن کي چاڪيلٽ ڏئي پنهنجي سالگرهه جي ٿوري خوشي ملهائي سگهان.
پنهنجي انٽرويوءَ دوران رانجي اِهو به اعتراف ڪيو ته هاڻ هوءَ پنهنجي ڌيءَ اديرا جي ذريعي پنهنجي اڻپوري خواهشن کي پورو ڪندي آهي.
ياد رهي ته راني مکرجي 2014ع ۾ يش چوپڙا جي پٽ اديتيا چوپڙا سان شادي ڪئي هئي، جوڙي هڪ ڌيءَ اديرا جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.