جوهري توانائي جي پرامن استعمال لاءِ پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: پرڏيهي وزير

برسلز (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته توانائي جي مسئلن جي حل لاءِ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي، جوهري توانائي جي پرامن مقصدن ۾ استعمال لاءِ پاڪستان پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
برسلز ۾ جوهري توانائي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اسان کي صاف ۽ سستي توانائي جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي مستقبل لاءِ عمل جوڳو حل پيش ڪري ٿي.
هن چيو ته پاڪستان آءِ اَي اِي اَي جو فعال ڀائيوار آهي، اسان ڪوپ 28 ۾ گهٽ خارج ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۾ جوهري توانائي جي منظوري ڏني هئي، جوهري توانائي جي پرامن مقصدن ۾ استعمال لاءِ پاڪستان پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته هيءَ سمٽ توانائي جي وڌندڙ طلب ۽ پيش موسمياتي چئلينجن وقت ٿي رهي آهي، توانائي مسئلن جي حل لاءِ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.