مولانا طارق جميل سان حادثو پيش اچڻ جي ڪوڙي خبر وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي مولانا طارق جميل جي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ تي خبرن تي عالم پاڻ وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته مولانا طارق جميل روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي ۽ هڪ تصوير به وائرل ٿيڻ لڳي، جيڪا 2019 جي آهي.
پر مولانا طارق جميل جي پنهنجي فيس بُڪ اڪائونٽ تان تصديق ڪئي وئي آهي ته مولانا صاحب بلڪل خيريت سان آهي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.