رمضان ۾ اسلام قبول ڪيو، ڇهن ورهين کان روزا رکان پيو: ويوين ڊيسينا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيلويزن جي مشهور اداڪار ويوين ڊيسينا چيو آهي ته رمضان ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ حقيقت ۾ هي ميهنو منهنجي دِل جي گهڻو ويجهو آهي.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اداڪار ٻڌايو ته هن ڪجهه سال اڳ رمضان جي مهيني ۾ اسلام قبول ڪيو هو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو هي مهينو سندس دِل جي گهڻو ويجهو آهي.
هن چيو ته اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سندس ڇهون رمضان آهي ۽ الله جي ڪرم سان هر سال رمضان جا روزا رکي ٿو.
اداڪار ويوين ڊيسنيا چيو ته رمضان دوران روزا مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن ڇو ته هي اسلام جي پنج بنيادي رڪنن منجهان هڪ آهي.
ياد رهي ته ويوين ڊيسينا 2013ع ۾ واه بيز دورابجي سان شادي ڪئي هئي جيڪا 2017ع ۾ ختم ٿي وئي، 2022ع ۾ هن مصر سان واسطو رکندڙ صحافڻ نورين علي سان شادي ڪئي ۽ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
ويوين ڊيسينا صرف تم، مڌوبالا، پيار ڪي ايڪ ڪهاني سميت ڪيئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.ل

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.