دي هنڊريڊ ليگ، نسيم شاهه مهانگن ترين رانديگرن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ فاسٽ بالر نسيم شاهه دي هنڊريڊ جي مهانگن ترين رانديگرن ۾ شامل ٿي ويو .
دي هنڊريڊ پليئر ڊرافٽ ۾ پاڪستاني فاسٽ جي ڌم متل آهي، برمنگهم فونڪس نسيم شاهه جون خدمتون هڪ لک پنجويهه هزار پائونڊ عيوض حاصل ڪري ورتيون آهن.
نسيم شاهه هڪ لک پنجويهه هزار پائونڊ جي مهانگي ترين ڪيٽيگري ۾ شامل پهريون پاڪستاني آهي ۽ سندس پاڪستاني ڪرنسي ۾ معاوضو اٽڪل ساڍا چار ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو.
پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم ۽ شاهين آفريدي به دي هنڊريڊ لاءِ چوندجي ويا آهن، عماد وسيم کي ٽرينٽ راڪٽس هڪ لک پائونڊز ۾ حاصل ڪيو جڏهن ته ويلش فائر شاهين آفريدي کي هڪ لک پائونڊ عيوض مسلسل ٻي سيزن لاءِ سائن ڪري ورتو آهي.
حارث رئوف کي ويلش فائر ۽ اساما مير کي مانچيسٽر اوريجنل، ڊرافٽ ذريعي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو هو.
واضح رهي ته دي هنڊريڊ جو چوٿون ايڊيشن جولاءِ ۾ شروع ٿيندو، چوٿين ايڊيشن ۾ مينز ۽ وومينز جون اٺ، اٺ ٽيمون حصو وٺنديون، ايونٽ جي پهرين ميچ 25 جولاءِ تي لارڊز جي تاريخي ميدان تي برمنگهم فونڪس ۽ اوول انوينسيبلز ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.