علي امين گنڊاپور ڪرپشن ڪئي ته ان کي سِر ڪير هڻندو؟ فيصل ڪريم ڪنڊي

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير طرفان رشوت خور جو مٿو ڦاڙڻ جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو.
هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور چئي ٿو ڪرپشن ڪندڙ کي مٿي ۾ سِر هڻو، جيڪڏهن هو پاڻ ڪرپشن ڪري ته ان کي سر ڪير هڻندو؟
هن چيو علي امين گنڊاپور کي پاڻ يقين نٿو اچي ته هو وڏو وزير بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن مرڪز سان لاڳاپا بگاڙيندو ته اسان جو صوبو پوئتي رهندو.
سندس چوڻ هو ته 2 اپريل تي سينيٽ چونڊن کانپوءِ حڪومت مڪمل ٿي ويندي، ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، اميد ته بحران مان نڪري وينداسين.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر چاهي ٿو ته مخصوص سيٽون کـٽيندڙ حلف نه کڻن، جيڪڏهن اسپيڪر حلف نه ورتو ته قانون کي منهن ڏيندو.
هن چيو وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته ڪي پي جو جيڪو حق آهي اهو ان کي ڏنو وڃي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پ پ جا گورنر هوندا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ن ليگ جا گورنر هوندا پر اڃا نالا فائنل ناهن ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.