ناري پنهنجي ئي اغوا جو ڊرامو ڪري پيءَ کان 30 لک ڀنگ گهري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ناري ٻاهرئين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي ئي اغوا جو ڊرامو ڪري پيءَ کان 30 لک ڀارتي رپيا ڀنگ گهري ورتو.
اهو واقعو ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ پيش آيو، جتي 21 ورهين جي ڪاويا ڌاڪڙ نالي ڇوڪري پنهنجي دوستن سان گڏجي سڄو ڊرامو ڪيو.
راجسٿان پوليس موجب ڪاويا اندور مان دوستن سان گڏ داخلا ٽيسٽ جي تياري لاءِ راجسٿان آئي هئي، هوءَ پنهنجي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ کان اڳ ڪوٽا شهر ۾ ٽي ڏينهن رهي، ٽئي دوست هاسٽل ۾ رهيا ۽ ڪوچنگ ڪلاسز ۾ شرڪت ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته 18 مارچ تي ڪاويا جي پيءَ ڌيءَ جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ۽ ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون، جيڪي کيس موڪليون ويون هيون، تصويرن ۾ سندس ڌيءَ رسن سان ٻڌل هئي.
گڏوگڏ پيءَ ٻڌايو ته اغوا ڪندڙن 30 لک ڀارتي رپين جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪئي.
پوءِ جڏهن ڪوچنگ سان رابطو ڪيو ويو ته ناري جي ٻن دوستن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پوليس کي ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ وڃڻ لاءِ ڪاويا اهو ڊرامو ڪيو.
پوليس ڪاويا جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي ۽ ڪوٽا سميت ويجهن شهرن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.