فيصل آباد: نجي گرلز هاسٽل ۾ شاگردياڻين جون ڳجهي نموني غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ نجي گرلز هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين جون ڳجهي نموني غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس موجب جي سي وومين يونيورسٽي جي شاگردياڻي جي شڪايت تي نجي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين جون ڳجهي نموني غير اخلاقي وڊيوز ٺاهڻ جو معاملو سامهون آيو.
شاگردياڻي دانهيو ته هاسٽل جي انچارج عورت جي ڀاءُ ان جي واش روم ۾ وهنجڻ دوران وڊيو ٺاهي، جوابدار موبائل فون ذريعي هڪ سوراخ رستي لِڪي وڊيو ٺاهي رهيو هو ته ان جي موبائل تي نظر پئجي وئي.
پوليس وومين ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري هاسٽل انچارج هنزا ۽ وڊيو ٺاهيندڙ سندس ڀاءُ عمر کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.