پاڪستان لاءِ 12 ورلڊ ڪپ کيڏندڙ جويريا خان عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان لاءِ 12 ورلڊ ڪپ کيڏندڙ جويريا جو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جويريا خان عالمي ڪرڪيٽ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جويريا خان پنهنجي 15 سالا ون ڊي ڪيريئر جي شروعات 6 مئي 2008ع کي سريلنڪا خلاف وومينز ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جو آغاز 2009ع ۾ آئرلينڊ خلاف ڪيو هو.
عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي جويريا خان چيو ته هرشيءِ جو هڪ وقت هوندو آهي ۽ هي رٽائرمينٽ لاءِ بهترين وقت آهي جڏهن ته ليگ ڪرڪيٽ کيڏندي رهنديس.
سندس چوڻ هو ته سموري ڪيريئر دوران سپورٽ ڪرڻ تي مداحن جي ٿورائتي آهيان.
جويريا خاندان ۽ ٽيم جي ساٿين، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پنهنجي اداري پاران هر قدم تي سهڪار ۽ رهنمائي لاءِ سندن ٿورا مڃيا.
جويريا 228 بين القوامي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ چار هزار نوَ سئو ٽي رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٻه سينچريون ۽ پنجويهه ففٽيون شامل آهن، انکانسواءِ هن 28 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون.
جويريا خان هن وقت پاڪستان وومينز ٽيم لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پليئرز جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته بسما معروف کانسواءِ هر فارميٽ ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستان جي اڪيلي عورت ڪرڪيٽر آهي.
جويريا خان 4 ون ڊي ۽ 8 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته هوءَ چين ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ 2010ع ۽ 2014ع جي ايشين گيمز مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جو حصو هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.