آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو پروگرام گهربل آهي، ايندڙ وقت ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي پر معيشت جلد پنهنجي پيرن تي بيهندي ۽ اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي جو تعارفي اجلاس اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ عسڪري قيادت به شرڪت ڪئي.
اڳوڻي نگران وزيراعظم سميت اڳوڻي نگران ڪابينا به اجلاس ۾ خاص طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نگران حڪومت ۾ ايس آءِ ايف سي جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ذريعن موجب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو ۽ معيشت جي بحالي لاءِ معاشي ٽيم جو پلان به ايس آءِ ايف سي سامهون رکيو.
وزيراعظم چيو ته هن پليٽ فارم جو مقصد ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪارن جو سيڙپڪاري ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ مختلف سياسي جماعتن جي چونڊيل نمائندن ۽ عسڪري قيادت جي شرڪت ان ڳالهه جو واضح پيغام آهي ته ملڪي ترقي لاءِ سڀ گڏ آهيون.
هن چيو ته معيشت وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، تمام جلد ملڪي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهندي ۽ اسان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿينداسين، اسان کي هر ميدان ۾ سڌارا آڻڻا آهن.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي چڪو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ قسط ملي ويندي، اسان کي وڌيڪ هڪ پروگرام گهرجي، جنهن جو دورانيو 3 سالن تائين ٿي سگهي ٿو، پروگرام تحت سڌارا آڻڻ تمام ضروري آهي.
وزيراعظم چيو ساڍا 1300 ارب رپيا جيڪڏهن اسان وٽ اچي وڃن ته ڪستو ڀڃي سگهون ٿا، وفاق اڪيلو چئلينجن کي منهن نٿو ڏئي سگهي، اميد آهي ته سياسي اختلاف پاسي تي رکيا ويندا، اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
شهباز شريف چيو ته اسان کي اڳتي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، بار انهن تي وجهڻ گهرجي، جيڪي برداشت ڪري سگهن، ماضي ۾ اشرافيا کي سبسڊي ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.