حڪومت جو بجلي بلن ذريعي واپارين کان ٽئڪس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت واپارين کان بجلي بلن ذريعي ٽئڪس وٺڻ واري اسڪيم تيار ڪري ورتي.
ايف بي آر ذريعن موجب، حڪومت 35 لک واپارين کي ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪئي آهي جنهن ۾ واپارين کان ٽئڪس ماهوار بجلي بلن ذريعي اوڳاڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وپارين جي سالياني آمدني کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٽئڪس اوڳاڙي اصل شاپ اونر بدران دڪان تي ڪاروبار ڪندڙ کان ڪئي ويندي، ان لاءِ بجلي جي بلن ۾ واپارين لاءِ هڪ نئون ڪالم متعارف ڪرائڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اسڪيم نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ آڻڻ جو امڪان آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف کي به ڄاڻايل پلان بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.