سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ سون جي اگهه ۾ لاڳيتو ٽئين ڏينهن به وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولي سون جي قيمت 4600 رپيا وڌ کانپوءِ 2 لک 32 هزار 4 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 3943 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 99 هزار 245 رپين جي ٿيو ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ 47 ڊالرز چاڙهه کانپوءِ في ايونس سون 2225 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.