پاڪستان جي 18 مارچ واري ڪارروائي افغان عوام ۽ فوج جي خلاف نه هئي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي 18 مارچ واري ڪارروائي افغان عوام ۽ فوج جي خلاف نه هئي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته 18 مارچ واري آپريشن جي تفصيل ۾ نه وينديس، پاڪستان 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي، پاڪستان اِها ڪارروائي افغان عوام ۽ فوج خلاف ناهي ڪئي.
ترجمان چيو ته 16 مارچ تي دهشتگرد حملي کانپوءِ پاڪستان ۽ افغانستان وچ رابطو ٿيو ۽ ان حوالي سان افغان اختيارين کي احتجاجي خط لکيو ويو جڏهن ته پرڏيهي وزير پنهنجي افغان هم منصب سان فون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
ترجمان موجب، پاڪستان ڪيئي موقعن تي دهشتگرن جي ٿاڪن بابت افغانستان کي تفصيل ڏنا، دهشتگرد نتظيم ٽي ٽي پي جا ٿاڪ افغانستان ۾ آهن، جنهن تصديق رڳو اسان جي ئي نه پر عالمي سطح جي رپورٽن ۾ به ڪئي وئي آهي.
ممتاز زهرا چيو ته پاڪستان افغانستان تي قبضو ناهي ڪيو، پاڪستان افغانستان جي علائقائي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، افغانستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جو مقصد اڳتي وڌڻ آهي، پاڪ افغان سرحد مستحڪم ۽ پرامن آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان جو شڪيل آفريديءَ واري معاملي تي موقف پراڻو آهي، شڪيل آفريدي کي پاڪستاني عدالت سزا ڏني آهي.
غزا جي صورتحال تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستان غزا ۾ اسپتالن تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، معصوم ٻارن، بي ڏوهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو.
والاريل ڪشمير بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابندي مڙهي چڪو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، والاريل ڪشمير ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.