هڪ دور جي پڄاڻي، ڌونيءَ چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ورتو

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز چنائي سپر ڪنگز کي مجموعي طور ست ڀيرا چيمپيئن بڻائيندڙ ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽيم جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ورتو آهي.
آءِ پي ايل 2024ع جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن ، ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ڏينهن اڳ مهيندر سنگهه ڌوني جي مداحن لاءِ بُري خبري اِها آهي ته هن چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتاني ڇڏي ڏني آهي.
چنائي سپر ڪنگز طرفان 2024ع لاءِ ٽيم جي نئين ڪپتان جو اعلان ڪيو ويو آهي.
دفاعي چيمپيئن چنائي سپر ڪنگز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته مهيندر سنگهه ڌوني ٽيم جي قيادت رِتو راج گائيڪواڊ کي سونپي ڇڏي آهي.
مهيندر سنگهه ڌوني 2008ع کان شروع ٿيندڙ آءِ پي ايل جي پهرين سيزن کان چنائي سپر ڪنگز جي ڪپتاني ڪئي، سندس قيادت ۾ چنائي سپر ڪنگز 212 ميچون کيڏيون جنهن ۾ 128 ۾ ڪاميابي ۽ 82 ميچن ۾ ناڪامي ٿي.
ڌوني جي ڪپتاني ۾ چنائي سپر ڪنگز 5 ڀيرا آءِ پي ايل ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، ان کانسواءِ ڌوني جي قيادت ۾ چنائي سپر ڪنگز ٻه ڀيرا چيمپيئنز ليگ جو ٽائٽل به کٽيو.
ياد رهي ته 2022ع ۾ جي آءِ پي ايل دوران ڌوني چنائي جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ويو ۽ سندس جاءِ تي رويندرا جاڙيجا کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.
رويندر جاڙيجا اٺ ميچن کانپوءِ ڪپتاني ڇڏي ڏني ۽ هڪ ڀيرو وري ڌوني کي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو.
چنائي سپر ڪنگز گذريل سال ڌوني جي ڪپتاني ۾ پنجون ڀيرو آءِ پي ايل ٽرافي کٽي هئي ۽ امڪان آهي ته هلندڙ سيزن ڌوني جو آخري آءِ پي ايل سيزن هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.