ڊونلڊ لو ڪوڙ ڳالهايو: پي ٽي آءِ جو ٻيهر انڪوائري جو مطالبو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سائفر معاملي تي ڊونلڊ لو جيڪو چيو اهو ڪوڙ آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڊونلڊ لو جيڪو چيو اهو ڪوڙ آهي، اسان ان جي ٻيهر انڪوائري جو مطالبو ڪيون ٿا، اسد مجيد ڊونلڊ لو سان ميٽنگ جو اعتراف ڪيو ۽ سائفر جي تصديق ڪئي هئي، ان جي سفارش تي ئي سائفر کي ڊيمارش ڪيو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان اڄ تفصيلي ملاقات ٿي آهي، ڊونلڊ لو ڪالهه جيڪو بيان ڏنو، ان تي اسد مجيد کي پنهنجو بيان جاري ڪرڻ گهرجي، ڊونلڊ لو سائفر جي ڪانٽينٽ، ايتري تائين جو ملاقات کي به رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسد مجيد سائفر جو ڪانٽينٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي ۽ ملاقات جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.