سنڌ سرڪار رفعت مختيار جي جاءِ تي غلام نبي ميمڻ جي آءِ جي طور مقرري لاءِ متحرڪ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار راجا رفعت مختار بدران غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ لڳائڻ چاهي ٿي.
آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير واري معاملي تي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٻه هفتا اڳ آءِ جي سنڌ لاءِ غلام نبي ميمڻ جو نالو تجويز ڪيو هو.
غلام ان کان اڳ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ آءِ جي سنڌ طور ذميواريون انجام ڏئي چڪو آهي.
ذريعن موجب، آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ دير تي وڏي وزير وفاق سان ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي.
ان کان اڳ صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ ۾ دير اتحادي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، صوبي ۾هن وقت امن امان جي بدتر صورتحال آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.