اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو، اهي علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.