ڪنگ نه سڏيو، مون کي شرمندگي ٿيندي آهي: ويرات ڪوهلي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته مون کي ڪنگ نه سڏيو، ان لقب سان مون کي شرمندگي محسوس ٿيندي آهي.
گذريل ڏينهن انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم رائل چئلينجرز بينگلور طرفان ٽيم جي نئين جرسي جي حوالي سان تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي به شريڪ ٿيو.
ان موقعي تي ويرات ڪوهلي مداحن تي زور ڏيندي چيو ته مون کي وڌيڪ ڪنگ جي نالي سان نه سڏيو، مون کي رڳو ويرات چئو، جڏهن ڪنگ سڏيو ويندو آهي ته مون کي شرمندگي محسوس ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.