نوشين شاهه جو پاڪستاني فلم ڊائريڪٽر تي 35 لک رپيا کائي وڃڻ جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا نوشين شاهه الزام هنيو آهي ته فلم هدايتڪار نبيل الرحمان لطفي منهنجا 35 لک رپيا کائي ويو.
نوشين شاهه تازو نجي ٽي وي چئنل جي رمضان ٽرانسميشن ۾ مهمان طور شريڪ ٿي، جتي هن پاڪستاني هدايتڪار نبيل الرحمان لطفي تي فراڊ جو الزام هنيو.
هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ پاڪستاني فلم ”13“ جي هدايتڪار نبيل الرحمان مون کي ڪرپٽو ۾ سيڙپڪاري لاءِ قائل ڪيو هو، جنهن لاءِ هن مون کان 20 لک رپين جي ڳري رقم ورتي، مان مٿس اعتبار ڪندي کيس 20 لک رپيا ڏنا ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنهنجي نئين ايندڙ فلم لاءِ مون کان 15 لک رپيا اوڌارا ورتا.
سندس موجب ائين مان نبيل الرحمان کي 35 لک رپين جي رقم دستاويزي ثبوت بنا ڏئي ڇڏي، ڇو ته مون کي ان تي ڀروسو هو پر هن مون سان دوکو ڪيو ۽ منهنجا 35 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويو.
نوشين شاهه چيو ته نبيل ۽ سندس گهرواري ڪيترين ئي مشهور شخصيتن کان تقريبن 6 ڪروڙ رپين جي ڳري رقم وٺي فرار آهن، ٻنهي جا موبائل فونز بند آهن ۽ انهن خلاف ايف آءِ آرز به داخل آهن.
هن مداحن کي اپيل ڪئي ته ڪنهن تي به يقين نه ڪيو ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا رقم ڏيڻي آهي ته دستاويزن کي يقيني بڻايو، مان بي وقفي سبب نقصان کاڌو، نٿي چاهيان ته ٻين کي به نقصان پهچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.