”سڄي قوم دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت لاءِ متحد آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي قوم دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت لاءِ متحد آهي.
گوادر پورٽ اٿارٽي ڪامپليڪس ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين جو مقصد استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ آهي، اسان قوم طور اهڙين حرڪتن کان ڊڄڻ ۽ مايوس ٿيندڙ کان انڪار ڪيون ٿا.
هن چيو ته جيڪي فورسز جا جوان اهڙن عنصرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسان گڏجي سڀني چئلينجن تي ضابطو آڻينداسين ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.