طاقتور يورپي ملڪ گوگل تي 25 ڪروڙ يورو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس گوگل تي 25 ڪروڙ يورو (75 ارب رپيا) ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي مسابقتي ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوگل تي اهو ڏنڊ يورپي يونين انٽليڪچوئل پراپرٽي قانونن جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيو ويو آهي.
يورپي اداري گوگل جي اي آءِ چيٽ بوٽ بارڊ جي حوالي سان به خدشن جو اظهار ڪيو.
بيان موجب اي آءِ چيٽ بوٽ کي خابرو ادارن ۽ ميڊيا ادارن کي آگاهه ڪرڻ بنا مواد جي تربيت ڏني پئي وڃي.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪمپني طرفان ان حوالي سان مختلف قدم تجويز ڪيا ويا هئا پر انهن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو.
هوڏانهن گوگل طرفان ان حوالي سان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.