سنڌ حڪومت جو هاري ڪارڊ آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سڄي صوبي ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ان فيصلي تحت ڪڻڪ جي خريداري ۾ هاري ڪارڊ وارن کي ترجيح ڏني ويندي ۽ قدرتي آفت جي صورت ۾ هاري ڪارڊ ذريعي هارين جي مدد ڪئي ويندي.
هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي هر ضلعي جي ترقي ۽ زراعت جي سائنسي بنيادن تي ترقي لاءِ به قدم کنيا ويندا.
مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.