ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان سيريز ملتوي ڪرڻ تي افغان ڪرڪيٽ بورڊ جو ردعمل اچي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سيريز ملتوي ڪرڻ تي افغان ڪرڪيٽ بورڊ جو ردعمل سامهون اچي ويو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته آسٽريليا ٽيون ڀيرو سيريز ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو مايوس ڪندڙ آهي، آسٽريليا ماضي ۾ هڪ ٽيسٽ ۽ گذريل سال ون ڊي سيريز تان هٿ کنيو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب آسٽريليا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سيريز ملتوي ڪرڻ تي مايوسي ٿي، ڪرڪيٽ آسٽريليا تي حڪومتي دٻاءَ کي سمجهون ٿا.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته آسٽريلوي حڪومت پنهنجي پاليسين کي بورڊ تي نه مڙهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا فل ميمبر بورڊ جو احترام ڪري ۽ متبادل حل تي غور ڪري.
واضح رهي ته افغانستان ۽ آسٽريليا ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز هلندڙ سال آگسٽ ۾ شيڊيول هئي.
پر گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ آسٽريليا جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته اسان افغانستان خلاف گڏيل سيريز ملتوي ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.