مشهور ڀارتي اداڪارا روڊ حادثي جو شڪار، وينٽيليٽر تي منتقل

چينائي (ويب ڊيسڪ) تامل فلم سيٿن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا ارونڌتي نائر موٽر سائيڪل حادثي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ سخت زخمي حالت ۾ وينٽيليٽر تي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ يوٽيوب چئنل کي انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي ڀاءَ سان گڏ موٽرسائيڪل تي گهر واپس اچي رهي هئي ته چينائي ڪوولم باءِ پاس روڊ وٽ سندس بائيڪ گاڏي سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن کانپوءِ اداڪارا کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو .
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا هن وقت تريوندرم جي اننٿاپوري اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي آهي.
اداڪارا جي ڀيڻ طرفان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي به سندس حادثي ۽ وينٽي ليٽر تي هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ اداڪارا هن وقت زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي آهي.
ياد رهي ته اداڪارا ارونڌتي نائر 2014ع ۾ پونگي ايزهومنوهارا فلم کان فلمي سفر جي شروعات ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ فلم سيٿن کيس تامل انڊسٽري شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، سندس آخري فلم آيارامپور ڪا سوڪل 2023ع ۾ رليز ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.