رمضان پيڪيج ۾ اٽي جي پاچڪي تي نواز شريف جي تصوير جو معاملو عدالت پهچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت طرفان نگهبان رمضان پيڪيج ۾ اٽي جي پاچڪي تي ن ليگ قائد نواز شريف جي تصوير لڳائڻ جو معاملو عدالت پهچي ويو.
وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي عوام لاءِ نگهبان رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت عوام کي راشن ڏنو پيو وڃي پر ان ۾ اٽي جي پاچڪي تي ن ليگ قائد نواز شريف جي تصوير ڇاپڻ تي اعتراض سامهون آيا.
هاڻ اهو معامل عدالت پهچي ويو آهي ۽ لاهور جي هڪ شري منير احمد ان قدم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
درخواستگذار جو موقف آهي ته پنجاب حڪومت جي خزاني کي ذاتي مشهوري لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، پنجاب حڪومت کي نواز شريف جي تصوير پرنٽ ڪرائڻ کان روڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.