ڪراچي: پوليس اهلڪار بڻجي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 مان 3 جعلي پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب جوابدار پوليس جي وردي پائي شهرين شهرين کي هراسان ڪندا هئا ۽ کانئن ڦرلٽ ڪندا هئا.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي قبضي مان پوليس يونيفارم، جعلي پوليس ڪارڊ، موبائل فونز ۽ روڪ رقم برآمد ٿي آهي، ڪامل، شيراز ۽ رائو عرفان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.