پي سي بي هيڊ ڪوارٽر کي قذافي اسٽيڊيم کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قذافي اسٽيڊيم جي اَپ گريڊيشن پلان ۾ پي سي بي هيڊ ڪوارٽر جون آفيسون اسٽيڊيم کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي اختيارين هيڊ ڪواٽر جي آفيسن کي قذافي اسٽيڊيم کان لاهور جي ڪرڪيٽ هائوس بلڊنگ شفٽ ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو آهي.
قذافي اسٽيڊيم ۾ قائم موجودا آفيسن کي هاسپٽالٽي باڪسز بڻائڻ تي غور جاري آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته قذافي اسٽيڊيم ۾ رڳو چيئرمين ۽ ضروري پروفيشنل اسٽاف جي آفيس هوندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميوزيم کي به نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.