نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مقامي ماڻهن گوگل کي غلط قرار ڏيندي مسافرن جي رهنمائي لاءِ بورڊ لڳائي ڇڏيو.
گوگل ميپ جو استعمال سڄي دنيا ۾ ڪيو ويندو آهي پر اڪثر ماڻهن اهو تجربو به ڪيو هوندو ته گوگل ميپ کين انهن رستن تائين پهچائي ڇڏيندو آهي، جيڪي بند هوندا آهن ۽ ماڻهو پريشاني کي منهن ڏيندا آهن.
اهڙو ئي ڪجهه ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي ضلعي ڪوڊاگو ۾ به ٿئي ٿو، جتي ايندڙ مسافر گوگل ميپ کان مدد وٺندا آهن ۽ رستا بند هجڻ سبب ڏکيائين جو شڪار ٿي ويندا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب مقامي ماڻهن گوگل کي غلط قرار ڏيندي مسافرن جي رهنمائي لاءِ سائن بورڊ لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن تي لکيل آهي ته گوگل غلط آهي، هي روڊ ڪلب ماهيندرا تائين نٿو وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪلب ماهيندرا ويندڙ مسافرن طرفان مقامي ماڻهن کان رستو پڇيو ويندو هو، جنهن تي مقامي ماڻهن اهو بورڊ لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like