”پٽن منهنجو ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪري ڇڏيو“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪاميابي تي فاسٽ بالر نسيم، حنين ۽ عبيد شاهه جي والد پٽن جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ملتان سلطانز کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
ميچ کانپوءِ نسيم شاهه جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پٽن سندس ۽ پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، سوچيو نه هوته ٽئي پٽ قومي سطح تي ڪرڪيٽ کيڏندا.
هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ تان ٽنهي پٽن ڪيئي دفعا مار به کاڌي آهي، سڀ کان مار نسيم شاهه کاڌي.
سندس چوڻ هو ته نسيم شاهه، حنين ۽ عبيد کي ڪرڪيٽ ناهي سيکاري، عبيد ۽ حنين پاڻ ڪرڪيٽ سکي آهي، ٽئي ڀائر مون کان لڪي ڪرڪيٽ کيڏندا هئا، حنين ۽ عبيد کي به پاڪستان لاءِ کيڏندو ڏسڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.