ٽنڊي ڄام ۾ سموسا کپائيندڙ پورهيت جون ٻه نياڻيون ڪميشن پاس ڪري گزيٽڊ آفيسر بڻجي ويون

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي ڄام ۾ سموسا کپائيندڙ پورهيت جون ٻه نياڻيون گزيٽڊ آفيسر بڻجي ويون، 6 ٻارن جي پيءَ حبيب سموسا کپائي ٻارن کي تعليم ڏياري.
محنت ۽ لڳاءَ جو شاندار مثال سامهون اچي ويو، ٽنڊي ڄام ۾ سموسا کپائيندڙ جون ٻه ڌيئرون ڪميشن جو امتحان پاس ڪري لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ گزيٽڊ آفيسر بڻجي ويون.
مظفر آباد ڪالوني جي حبيب الرحمان انصاري جي ٻن ڌيئرن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ 17هين گريڊ جون آفيسر بڻجي ويون.
6 ٻارن جي پيءُ حبيب انصاري گهٽين ۾ سموسا کپائي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري، ٻن ڌيئرن جي آفيسر بڻجڻ تي هو ۽ سندس گهرواري انتهائي خوش آهن.
ڊاڪٽر صدف انصاري امتحان پاس ڪري 17هين گريڊ ۾ وٽرنري آفيسر بڻجي وئي، جڏهن ته صباحت انصاري به وٽرنري آفيسر بڻجي.
ٻنهي نارين چيو آهي ته والدين جي محنت ۽ دعائن سبب اسان کي ڪاميابي ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.