آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ هڪ ڀيرو وري افغانستان سان سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا ) هڪ ڀيرو وري افغانستان خلاف سيريز ملتوي ڪري ڇڏي.
افغانستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز هلندڙ سال آگسٽ ۾ شيڊيولڊ هئي پر ڪرڪيٽ آسٽريليا هڪ بيان ۾ سيريز ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، افغانستان جي صورتحال بابت ٻارنهن مهينن دوران پنهنجي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، حڪومت جو موقف آهي ته حالتون پهريان کان به بدتر آهن، انڪري پنهنجي ماضيءَ جي موقف تي قائم آهيون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته عورتن ۽ نياڻين جي شرڪت جي حمايت ڪيون ٿا، ان معاملي تي آءِ سي سي ۽ افغانستان بورڊ سان رابطو رهندو، مستقبل ۾ سيريز جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.
ياد رهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي حڪومت جي مشاورت سان گذريل سال افغانستان خلاف رٿيل ون ڊي سيريز به ملتوي ڪري ڇڏي هئي.
اِها سيريز افغانستان ۾ عورتن ۽ نياڻين جي حقن بابت پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب ملتوي ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.