ڪراچي: گذريل مهيني گم ٿيل 5 ڇوڪريون هٿ اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سعيد آباد مان گم ٿيل 5 ڇوڪريون ناظم آباد مان لڀي ويون.
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ڏکڻ موجب 15 فيبروري تي ڇوڪرين جي اغوا جو ڪيس پيءَ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، گم ٿيل ڇوڪرين کي ناظم آباد جي کنڊو ڳوٺ مان هٿ ويو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ ٻڌايو ته ڇوڪرين ۾ 3 سڳيون ڀيڻون ۽ ٻه سندن ڪزن آهن، انهن جي عمر 15 کان 19 سالن جي وچ ۾ آهي، جيڪي پنهنجي مرضي سان گهر ڇڏي ويون هيون.
هن چيو ته پنج ئي ڇوڪريون ناظم آباد ۾ ڌاڳي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪنديون هيون، عدالتي حڪم تي کين دارالامان يا شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويندو.
ڊي جي آءِ ڏکڻ موجب فيڪٽري جي مالڪ ۽ ٺيڪيدار کي به چائلڊ ليبر ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.