رابعا ڪلثوم جي ” عورت مارچ “ تي ڇتي تنقيد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ اداڪارا رابعا ڪلثوم چيو آهي ته عورت مارچ مردن سان نفرت جو نه پر عورتن جي حقن جو نالو آهي.
اداڪارا رابعا ڪلثوم ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هوءَ عورت مارچ جي سخت مخالفت ڪندي نظر آئي.
اداڪارا عورت مارچ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته کيس محسوس ٿي رهيو آهي ته فيمينزم جن ماڻهن لاءِ آهي انهن تائين پهچي ناهي رهيو.
سندس چوڻ هو ته پلي ڪارڊ ذريعي جنهن انداز ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اِها صحيح طريقي سان ماڻهن تائين ناهي پهچي رهي.
هن چيو ته جورابا ڳوليو، کاڌو پاڻ گرم ڪر جهڙن نعرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، فيمينز ان کان گهڻو اڳتي آهي.
اداڪارا چيو ته عورت مارچ مردن سان نفرت جو نالو ناهي، عورتن جي حقن جو نالو آهي پنهنجي نياڻي کي پڙهائي ۽ نوڪري جو حق ڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته سندس مڙس هن لاءِ کاڌو به گرم ڪندو آهي ۽ ٻارن جي سار سنڀال به ڪندو آهي، مان به سندس ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي آهيان، گهريلو تشدد تي ڳالهائڻ گهرجي ڇو ته به ٿي پئي اوهان عورت تي هٿ نٿا کڻي سگهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.