ملڪ ۾ نئين اسپيل تحت وري برساتن جي اڳڪٿي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڪر وسڻ لاءِ تيار آهن، ڇو ته برسات جو هڪ اسپيل ايندڙ ٻن ڏينهن کانپوءِ ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ لاهور اڪرام الدين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 21 مارچ تي برسات جو هڪ نئون اسپيل داخل ٿي رهيو آهي ۽ اهو اسپيل 3 ڏينهن تائين رهڻ جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو ته ان اسپيل تحت خيبر پختونخواهه، اسلام آباد، ڪمشير ۽ جابلو علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ مارچ جي آخر تائين وقفي وقفي سان برسات جا ننڍا اسپيل اچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.