بنگلاديش ٽين ون ڊي ۾ سريلنڪا کي چئن وڪيٽن تان هارائي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي

چٽاگانگ ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش، سريلنڪا کي ٽين ون ڊي ۾ چئن وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ٻه هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
چٽاگانگ جي ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ فيصلائتي ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 235 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
جنيٿ ليانگي 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته چيراٿ اسلانڪا 37 ۽ ڪوشل مينڊس 29 رنسن سان اڳڀرا رهيا .
بنگلاديش جي تسڪين احمد 3، مستفيض الرحمان ۽ مهدي حسن ميراز 2 – 2، سوميا سرڪار ۽ ريشاد حسين 1 – 1 وڪيٽ ورتي.
بنگلاديش 236 رنسن جو گهربل هدف 41 هين اوور ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، تنزيد حسن 84، ريشاد حسن 48 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
سريلنڪا طرفان لاهيرو ڪمارا چار ۽ ونندو هسارنگا ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
آل رائونڊر پرفارمنس تي ريشاد حسين کي ميچ ۽ ناظم الحسن شانتو کي سيريز جو بهترين رانديگرن قرار ڏنو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.