سڄو قرآن پاڪ پڙهيو ۽ ان مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي: ول سمٿ

مشهور هالي ووڊ اسٽار ول سمٿ انڪشاف ڪيو آهي ته مان قرآن پاڪ جو مطالعو ڪيو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
ول سمٿ ”شاهد“ پليٽ فارم تي ”بگ ٽائم پوڊ ڪاسٽ“ پروگرام ذريعي صحافي عمرو اديب کي انٽرويو ڏيندي چيو ته مان روحانيت سان محبت ڪندو آهي.
هن چيو ته مان قرآن پاڪ جي مطالعي دوران گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ سان ڪيتريون ئي غلط فهميون ختم ٿي وينديون آهن.
سندس چوڻ هو ته منهنجي زندگي جا گذريل ٻه سال ڏکيا هئا، ان دوران مان پنهنجي باطن بابت سوچڻو شروع ڪيو، ان عرصي ۾ مان قرآن پاڪ سميت سمورا مقدس ڪتاب پڙهيا ۽ رمضان مهيني ۾ قرآن پاڪ کي مڪمل طور پڙهيو.
هالي ووڊ اداڪار چيو ته اها منهنجي زندگي ۾ روحانيت جي ڳولا هئي، اهو منهنجي زندگي جو اهو دور هو، جڏهن مان دل اکي پرسڪون رکڻ چاهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.