ڪراچي: ڪپڙن جي سلائي تي قتل، درزي ۽ ٻن پٽن کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ عيد جي پڪڙن جي سلائي تي ٿيل جهيڙي دوران قتل جي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ۾ لياري ڪلري ۾ عيد جي پڪڙن جي سلائي تي جهيڙي ۾ قتل جي معاملي جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جوابدارن ۾ درزي ۽ سندس ٻه پٽ شامل آهن.
جوابدارن تي مجموعي طور 6-6 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.