بل گيٽس جو وزيراعظم شهباز شريف کي اهم خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي.
خط ۾ بل گيٽس چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني آهي.
بل گيٽس پنهنجي فائونڊيشن طرفان پوليو جي خاتمي ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان 2024 جي پڄاڻي تائين پوليو کان پاڪ ٿي ويندو.
بل گيٽس خط ۾ لکيو ته توهان ان معاملي تي مون سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪيو ته ٿورائتو رهندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.