معاشي مسئلن باوجود پاڪ فوج اسان لاءِ خطرو بڻيل آهي: ڀارتي جنرل جو اعتراف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل چوهاڻ اعتراف ڪيو آهي ته معاشي مسئلن باوجود پاڪستاني فوج اسان لاءِ خطرو بڻيل آهي.
ڀارت شروع کان وٺي پاڪستان جو دشمن رهيو آهي پر پاڪ فوج جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي جو اعتراف به ڪندو رهيو آهي.
ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان معاشي مسئلن جو شڪار ٿي سگهي ٿو پر عسڪري طور ان جي صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي آئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻئي پاڙيسري اسان جي خلاف آهن، ٻنهي طرفان دوستي کي هماليه کان اوچو قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻئي جوهري هٿيارن سان ليس آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان کي نون هٿيارن جي نظام، ٽيڪنالاجي ۽ جنگ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.