ڀارتي ايٿليٽ نيرج چوپڙا به ارشد نديم جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ۽ اولمپڪ چيمپيئن ڀارتي جيولين ٿرور نيرج چوپڙا ارشد نديم لاءِ آواز اُٿاري ڇڏيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران نيرج چوپڙا چوڻ هو ته اِهو يقين ڪرڻ مشڪل آهي ته ارشد نديم جيولين حاصل ڪرڻ ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، ارشد نديم جنهن ليول جو ايٿيليٽ آهي ان لاءِ اِهو ڪو وڏو مسئلو نه هئڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستاني سرڪار ارشد نديم جي گهرجن جو خيال ۽ کيس سپورٽ ڪري سگهي ٿي، مون کي به حڪومت سپورٽ ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ارشد نديم ٽاپ جيولين ٿرور آهي، يقين آهي ته جيولين ٺاهيندڙ ارشد نديم کي اسپانسر ڪري خوش ٿيندا.
نيرج چوپڙا درخواست ڪندي چيو ته ارشد نديم کي جيڪو گهرجي کيس ملڻ گهرجي.
ياد رهي ته پاڪستاني جيولين ٿرور ارشد نديم پئرس اولمپڪس جي تياري لاءِ انٽرنيشنل ليول جي جيولين نه هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.