ڪراچي ۾ گرمي ڪيستائين رهندي؟ موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان موسم گرم آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي گهٽجڻ جو امڪان آهي پر تازي لهر ايندڙ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ڪراچي ۾ جاري گرمي جي حوالي سان چيو ته شهر ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري گرمي جي شدت ايندڙ ڏينهن ۾ گهٽجڻ جو امڪان آهي پر موجوده لهر ايندڙ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي.
هن چيو ته راجسٿان مان خشڪ هوائون گهلڻ سبب موسم گرم آهي، 21 مارچ کان ملڪ ۾ هڪ اولهه سسٽم داخل ٿيندو، جنهن جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجي ويندي.
سندس چوڻ هو ته مارچ جي آخر تائين موسم گرم ٿي ويندي آهي پر شهر ۾ هيٽ ويو جو ڪو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.