پي ٽي آءِ معيشت ٻوڙي ڇڏي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پئجي رهيا آهن: احسن اقبال

ظفر وال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جي معيشت اوڌار تي هلي رهي آهي، اسان کي قرضن جي ادائيگي لاءِ آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض وٺڻا پئجي رهيا آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويو، اسان جي معيشت اوڌار تي هلي رهي آهي، اسان کي قرضن جي ادائيگي لاءِ آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض وٺڻا پئجي رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت کي ساليانو 7 هزار ارب رپين جو روينيو ملندو آهي، جڏهن ته 5 هزار ارب قرض جي ادائيگي ڪرڻي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت 4 سالن ۾ 80 سيڪڙو قرض ورتو، ادائيگي ايندڙ حڪومتن کي ڪرڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته سڄي قوم کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي، ملڪ قرضي هجڻ جو وڏو سبب ڪرپشن آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪنداسين ۽ ملڪي وسيلن کي ترقي لاءِ استعمال ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.