فارس شفيع ۽ هني سنگهه موسيقيءَ سان چاهه رکندڙن کي خوش ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور راڳي فارس شفيع ۽ ڀارتي ريپر هني سنگهه ويجهڙ دوستاڻي ملاقات سان سرحد جي ٻنهي پاسي موجود موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ خوش نظر اچي رهيا آهن.
هني سنگهه انسٽاگرام تي فارس شفيع سان پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ٻئي گلوڪار هڪٻئي سان ڀاڪر پائيندي مسڪرائيندي پوز ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.
هني سنگهه تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”لاهور مان منهنجي ڀاءَ فارس شفيع کي ڀليڪار جيڪو واحد هپ هاپ آئيڪون آهي“
هني سنگهه جي پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ساراهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.