منهنجو پٽ سلمان خان جي فلم ۾ ڪم ناهي ڪري رهيو: ارباز خان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلمساز ۽ اداڪار ارباز خان پنهنجي پٽ ارهان خان جي بالي ووڊ ۾ ڊيبيو بابت افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته فلحال سندس پٽ چاچي سلمان خان سان ڪم ناهي ڪري رهيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويجهڙائي ۾ اِها خبر سامهون آئي هئي ته بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان پنهنجي ٻنهي ڀائيٽن يعني ارباز خان جي پٽ ارهان ۽ سهيل خان جي پٽ نروان کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ وارو آهي.
ان ڏس ۾ جڏهن ارباز خان کان پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته ان خبر ڪا به سچائي ناهي، اهڙي ڪا خبر هوندي ته پاڻ ميڊيا جي آڏو اعلان ڪندو.
هن چيو ته سندس پٽ تازو ئي آمريڪا جي فلم اسڪول مان گريجويشن مڪمل ڪئي آهي، کيس اداڪاري جو شوق آهي ۽ اداڪاري سکي رهيو آهي فلحال هو بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ناهي ڪري رهيو.
اداڪار چيو ته ارهان هاڻي پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، هو هلندڙ سال 22 ورهين جو ٿي ويندو، هو پنهنجي مستقبل لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي، هو مخلص ۽ ڏاڍو محنتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.