گوگل جو جيمنائي اي آءِ انجڻ آءِ فونز جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار

تمام جلد آءِ فون جي اندر گوگل جو تيار ڪيل جيمنائي آرٽفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) انجڻ موجود هوندو.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل ۽ گوگل وچ ۾ آءِ فونز ۾ جيمنائي اي آءِ انجڻ شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل طرفان مائيڪرو سافٽ سان به ان جي تيار ڪيل ماڊل کي استعمال ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون هيون.
واضح رهي ته مائيڪرو سافٽ جو اي آءِ ماڊل اوپن اي آءِ جي تيار ڪيل چيٽ جي پي ٽي تي ٻڌل آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايپل ۽ گوگل طرفان آءِ فونز لاءِ جيمنائي جي استعمال جي لائسنس تي ڳالهيون هلندڙ آهن ته جيئن ڪجهه نوان اي آءِ فيچرز نئين آءِ او ايس سسٽم جو حصو بڻجي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.