مقتولا يسريٰ جي ڀاءُ آڪاش پٺاڻ به دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ وڪيل جي فائرنگ ۾ مارجي ويل يسريٰ جي ڀاءُ آڪاش به زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ جوابدار ارشاد کوکر قانون جي شاگردياڻي يسريٰ پٺاڻ تي فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو هو، ان دوران يسريٰ جو ڀاءُ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو.
آڪاش پٺاڻ جو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.