جعلي نيب چيئرمين بڻجي شهرين کي لٽيندڙ جوابدار ڀاءُ سوڌو گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب لاهور انٽيليجنس ونگ ڪارروائي ڪندي جعلي نيب چيئرمين بڻجي شهرين کي لٽيندڙ جوابدار کي ڀاءُ سوڌو گرفتار ڪري ورتو.
نيب اختيارين موجب جوابدار شهرين کي نيب آفيسر بڻجي هراسان ڪندا هئا، اويس ظهور ۽ عامر ظهور شهرين کان پئسا وصول ڪندا هئا.
نيب اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن خلاف شڪايتون وصول ٿيڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي، ٻئي سڳا ڀائر آهن.
نيب لاهور انٽيليجنس ونگ جوابدارن کي چونگ ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.